دودو خان

دودو خان

دودو خان

دودو خان: ناليوارو طبلي نواز ۽ ڍولڪ نواز دودو خان مڱڻهار ولد لعل بخش خان 1962ع ڌاري نظر محلي، لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هن جو واسطو گائڪ گهراڻي سان آهي. تنهنڪري ننڍپڻ کان موسيقيءَ سان سندس وابستگي رهي. سندس خاندان مان هن جو ڏاڏو استاد جانڻ خان لاڙڪاڻي وارو مشهور ڪلاسيڪل راڳي ٿي گذريو آهي. هن خانصاحب امير خان کان موسيقيءَ جي فن جي ابتدائي سکيا ورتي. خانصاحب بڙي غلام علي خان، خير محمد خان، الله ڏني خان نوناري ۽ لعل بخش خان مڱڻهار به استاد امير عليءَ کان سکيا ورتي هئي. هن حاجي خان دودا پوريءَ کان طبلي جي وڄت جا گُر سکيا ۽ 15 سالن جي عمر ۾ ئي طبلي وڄائڻ تي مهارت حاصل ڪري ورتائين. هن شروعاتي زماني ۾ استاد دودي خان ۽ استاد گلزار علي خان سان به سنگت ڪئي. ان کان سواءِ ديدار حسين سمي، بشير سمي، ارباب علي کوسي، استاد خورشيد علي خان، سينگار علي سليم، رسول بخش ابڙي، برڪت ڀٽ ۽ ٻين سان سنگت ڪيائين. 2000ع ڌاري لاڙڪاڻي مان لڏي ميرواهه گورچاڻيءَ، ضلعي ميرپورخاص ۾ وڃي ويٺو، جتي استاد تاراچند ۽ غلام عباس خان سان سنگت ڪندو رهيو. 2002ع ڌاري ٻيهر لڏي حيدرآباد اچي رهيو، جتي به فن سان ناتو نه ٽوڙيائين ۽ امير علي خان'>استاد امير علي خان، سلميٰ پروين، فوزيه پروين ۽ ٻين فنڪارن سان گڏ ڪم ڪندو رهيو آهي. هن پي. ٽي. ويءَ جي ڪوئٽا سينٽر تي به ڪافي وقت ڪم ڪيو ۽ اتان جي راڳين: بشير بروهي، دليار سمي، استاد ارباب خان ۽ ٻين فنڪارن سان گڏ سنگت ڪيائين. هن پنجاب ۾ وڃي اتي جي ڪيترن لوڪ فنڪارن سان به گڏ ڪم ڪيو آهي. دودو خان ڪلاسيڪل توڙي لوڪ وڄت تي مهارت رکي ٿو. سنڌ راڳي ويلفيئر ايسوسيئيشن جو ميمبر پڻ آهي.


لفظ دودو خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو